اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جاري ڪئي وئي، پورٽل تي ٻن سالن م رجسٽرڊ ماڻهن جو انگ 30 لک کان وڌي ويو، ٻن سالن ۾ پورٽل کي 27 لک کان وڌيڪ شڪايتون مليون جڏهن ته 25 لک کان وڌيڪ شڪايتن جو ازالو ٿيو، پورٽل ذريعي ملندڙ شڪايتن جي حل تي نادرا جي ڪارڪردگي سڀ کان اطمينان جوڳي رهي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران هڪ لک 36 هزار کان وڌيڪ ملندڙ شڪايتن مان هڪ لک 28 هزار اڪلايون ويون. وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ پورٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جاري ڪئي وئي. پي ايم ڊي يو جي انچارج عادل صافي ڪارڪردگي رپورٽ کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته 27 لک 60 هزار ملندڙ شڪايتن مان 13 لک 41 هزار وفاقي حڪومت، 9 لک 45 هزار کان وڌيڪ پنجاب، 2 لک 62 هزار خيبرپختونخواهه، هڪ لک 67 هزار سنڌ، 22 هزار 700 اسلام آباد، 19 هزار 600 بلوچستان، 3421 گلگت بلتستان جڏهن ته 619 شڪايتون آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت جي خلاف مليون. وفاق ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪايتون بجلي ۽ توانائي بابت هيون جن جو انگ 4 لک 97 هزار کان وڌيڪ آهي، پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ ميونسپل سروسز بابت شڪايتون رهيون، باقي صوبن ۾ به ميونسپل سروسز بابت شڪايتن جو تناسب وڌيڪ رهيو. سڀ کان وڌيڪ شڪايتون اڪلائڻ جي شرح وفاق ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 95 سيڪڙو رهيو، پنجاب ۾ 94 سيڪڙو، سنڌ ۾ 86 سيڪڙو، اسلام آباد 78، بلوچستان 89، گلگت بلتستان 84، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير 85 سيڪڙو رهيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پورٽل تي 11 لک غيرملڪي به رجسٽرڊ هن، ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي لاءِ هيلپ لائين پڻ قائم ڪئي وئي آهي جتان اهي پورٽل بابت معلومات وٺي سگهن ٿا.
متعلقہ مضامین
-
کلاسیکی سلاٹ مشین آن لائن: تفریح اور موقعوں کا بہترین ذریعہ
-
ہائی آر ٹی پی سلاٹ مشینیں: کھلاڑیوں کے لیے بہترین موقع
-
ہائی آر ٹی پی سلاٹ مشینوں کی اہمیت اور فائدے
-
تھری ڈی سلاٹ گیمز: ٹیکنالوجی کی ترقی اور تفریح کا نیا دور
-
3D سلاٹ گیمز کی دنیا میں نئی ٹیکنالوجی اور تفریح
-
3D سلاٹ گیمز کی دنیا میں نئے رجحانات اور تجربات
-
فروٹ سلاٹ مشینیں: جدید ٹیکنالوجی اور آپ کی روزمرہ زندگی میں آسانی
-
فروٹ سلاٹ مشینیں: جدید ٹیکنالوجی کا پھلوں کی چھانٹ میں انقلاب
-
فروٹ سلاٹ مشینوں کی اہمیت اور جدید ٹیکنالوجی
-
فروٹ سلاٹ مشینیں: جدید ٹیکنالوجی کی آسان ترین ایجاد
-
ترقی پسند جیک پاٹ سلاٹس: جدید فیشن اور عملی زندگی کا حسین امتزاج
-
ترقی پسند جیک پاٹ سلاٹس جدت اور معاشرتی تبدیلی کا ایک نیا دور