اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته غربت جي خلاف جهاد سدائين وزيراعظم عمران خان جي ترجيحن ۾ شامل رهيو آهي، 27 مارچ 2019ع کان مملڪت پاڪستان کي مديني جي رياست جي اصولن تي عمل پيرا ٿي هڪ فلائي رياست بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم احساس پروگرام جو بنياد رکيو، ڪووڊ 19 جي ڪري لاڪ ڊائون جي دوران معاشي طور تي متاثر طبقي کي رليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاڪستان لاڪ ڊائون جي پهرين 10 ڏينهن جي اندر 16.9 ملين مستحق خاندانن کي هڪ دفعي جي مالي مدد پهچائڻ جي لاءِ 203 بلين روپيا احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جي لاءِ مختص ڪيا ويا، اهو ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو سماجي تحفظ پروگرام آهي جنهن سان تقريبن 109ملين ماڻهو مستفيد ٿيا، هر مستحق اهل خاندان کي 12 هزار روپين جي مالي مدد فراهم ڪئي وئي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪووڊ 19 وبا جي مشڪل جي ان گهڙي ۾ عوام کي جلد کان جلد رليف پهچائڻ جي لاءِ احساس پروگرام جي ڊجيٽل سسٽم کي استعمال ۾ آندو ويو جيڪو گذريل هڪ سال ۾ جوڙيو ويو هو، هن چيو ته سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو ڊويزن احساس پروگرام تي عملدرآمد جي لاءِ جوڙيو ويو آهي، احساس پنهنجي نوعيت جو واحد ۽ منفرد پروگرام آهي جيڪو پاڪستان جي پوئتي پيل طبقي جي بهتري لاءِ شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته احساس جي منفرد خصوصيت ان جي سگهه، پاليسي فارميشن، بهترين اسٽريٽجڪي، گورننس، مانيٽرنگ فريم ورڪ ۽ بجيٽ آهي جيڪا قومي سطح جي فلاحي منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ مهيا ڪيا ويا آهي، هن چيو ته احساس پروگرام ۾ پنهنجي طرز جو منفرد پروگرام آهي جيڪو ملڪ جي لکين غريبن کي غربت جي ختم نه ٿيندڙ چڪر مان ڪڍي ملڪ کي فلاحي رياست بڻائڻ جي طرف هڪ قدم آهي.
متعلقہ مضامین
-
آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں اور جدید دور کا کھیل کا تجربہ
-
کلاسیکی سلاٹ مشین آن لائن کی دلچسپ دنیا
-
کلاسیکی سلاٹ مشین آن لائن کی دلچسپ دنیا
-
ملٹی لائن سلاٹ گیمز کی دنیا اور اس کی دلچسپیاں
-
ورچوئل سلاٹ مشینیں اور جدید ٹیکنالوجی کا انضمام
-
ورچوئل سلاٹ مشینیں: جدید دور کی کھیل اور تفریح
-
ورچوئل سلاٹ مشینیں: جدید دور کا تفریحی ذریعہ
-
ہائی آر ٹی پی سلاٹ مشینوں کی اہمیت اور انتخاب کے طریقے
-
ہائی آر ٹی پی سلاٹ مشینوں کی اہمیت اور فوائد
-
3D سلاٹ گیمز: ٹیکنالوجی اور تفریط کا نیا دور
-
فروٹ سلاٹ مشینوں کی اہمیت اور جدید ٹیکنالوجی
-
ترقی پسند جیک پاٹ سلاٹس کی معاشرتی تبدیلی میں اہمیت